اسلام ??با?? – 06 – مارچ (اي پي پي) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي پارلياماني ليڊر خالد مقبول صديقي قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آ??ي ته اسا?? کي هڪ مضبوط، ترقي يافته ۽ جمهوري پاڪستان گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ اعتماد جي قرارداد جي منظوري کانپوءِ ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي چيو ته وزيراعظم تي ايوان اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، توها?? کي هن ايوان مان وقت سر اعتماد مليو آهي. هاڻي توهان جي ??ميواري آ??ي ته توهان قوم کي اعتماد ۽ اعتبار ڏيو. توهان جي فيصلن ۾ اتحادين جي ??اءِ شامل هجڻ به ضروري آهي. اسان توهان تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، اسان رڳو وٺڻ وارا هٿ به نه آهيون اسان جو ڏيڻ وارو هٿ به آهي. پاڪستا?? ٺاهڻ جو به ڪو مقصد هو اسان چاهيون ٿا ته اهو مقصد توهان جي هٿان پورو ٿئي.