اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پ?? پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي آ??ِ پي پ??ز سان مفاهمت جي ياداشتن کي معاهدن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ 46 آ??ِ پي پ??ز کي ا??ائيگين بابت عملدرآمد ڪميٽي جي رپورٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي کنڊ جي پ??داوار ۽ وڪري جي عمل جي نگراني لاءِ وڊيو ايناليٽڪ?? سسٽم (وي اي ايس) لڳائڻ جي سمري جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وزير جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، عمر ايوب خان، وزيراعظم جو صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، اوڳاڙين واري خاص معاون ڊاڪٽر وقار مسعود، پاور واري خاص معاون تابش گوهر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. توانائي واري وزارت جي سيڪريٽري رهتن جي ا??ائيگي لاءِ طريقيڪار جوڙڻ جي ڏس ۾ ڪميٽي کي عملدرآمد ڪميٽي جي آ??ِ پي پ??ز سان مفاهمت جي دستاويزن کي معاهدن ۾ تبديل ڪرڻ بابت تفصيلي رپورٽ تي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته عملدرآمد ڪميٽي رهتون ڪليئر ڪرڻ جي ڏس ۾ 30 نومبر 2020ع تائين 46 آ??ِ پي پ??ز کي ا??ائيگي جي طريقيڪار تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي، اي سي سي عملدرآمد ڪميٽي ۽ لاڳاپيل ماڻهن ۽ وزارتون خاص طور توانائي واري وزير، منصوبابندي واري وزير، پاور واري خاص معاون، ناڻي واري وزارت، فيڊرل لينڊ ڪميشن جي چيئرمين، اوڳاڙين واري خاص معاون ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر پاران آ??ِ پي پ??ز کي رهتن جي ا??ائيگي لاءِ عمل جوڳو طريقيڪار جوڙڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي ساراهيو. ان سان انهن پروجيڪٽ جي سراسري عمر تائين پاڪستان جي حڪومت کي 836 روپين جي بچت ٿيندي، اقتصادي ڪميٽي عملدرآمد ڪميٽي جي رپورٽ جي منظوري ڏني ۽ ان کي حتمي منظوري لاءِ ڪابينا آڏو پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.