اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فوجداري انصاف جو نظام بنيادي اهميت رکندڙ آهي ۽ گورننس لاءِ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، گذريل حڪ??متن نظام کي خراب ??ري لاقانونيت مان فائدو کنيو، موجوده حڪ??مت ان نظام کي ترجيحي بنيادن تي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ گهربل وسيلا فراهم ڪندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار فوجداري انصاف جي نظام ۾ سڌارن ۽ صوبن ۽ اس??ام آباد ۾ ضابطه ديواني تي عملدرآمد جي اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ قا??ون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم، اٽارني جنرل خالد جاويد خان، پنجاب جو قا??ون وارو وزير راجا بشارت، خيبرپختونخوا جو قا??ون وارو وزير سلطان محمود خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سڌارن واري عمل جي جامع حڪ??ت عملي جوڙڻ لاءِ 13 شعبن جي نشاندهي ??ري ڌار ڌار ٽاسڪ فورسز ٺاهيون ويون هيون جنهن جون سفارشون عملي شڪل اختيار ڪرڻ لاءِ تيار آهن، انهن 13 شعبن ۾ ڪيسن جي داخلا، گرفتاري ۽ ايف آءِ آر جو نظام، پوليس اس??يشنز کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ ۽ انهن جي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ، فنڊن جي پوليس اس??يشنز کي سڌو سنئون منتقلي ۽ اس??يشن انچارج کي پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر جو درجو ڏيڻ، جاچ نظام کي مضبوط ڪرڻ، چالان جي نظام ۾ به??ري آڻڻ، آزاد پراسيڪيوشن جي قيام، پراسيڪيوشن کي ڪيسن جي نوعيت جي لحاظ کان ڪيسز جي جاچ سان ڪورٽن تي دٻاءُ گهٽ ??رڻ، ٽرائل جي طريقيڪار کي آسان ۽ تيز ڪرڻ، ڪورٽس جي رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ، پروبيشن ۽ پيرول جي نظام کي مضبوط ڪرڻ شامل آهن.