اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان القادر يونيورسٽي جي تعمير جو ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڄاڻايل يونيورسٽي ۾ نوجوان نسل کي سيرت النبي صه ج?? مختلف رخن ۽ ص??فين جي تعليم کان روشناس ڪرائڻ سان گڏوگڏ جديد تعليم جي پڻ منصوبابندي ڪئي وڃي ته جيئن شاگردن کي موجوده وقت جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مڪمل طور تي تيار ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيرت النبي صه ۽ ص??فين جي تعليم جي فروغ جي حوالي سان تعمير ڪئي ويندڙ القادر يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، بئريسٽر علي ظفر، برگيڊيئر (ر) جميل سرور ملڪ ۽ ٻيا شريڪ هئا. وزيراعظم کي القادر يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۾ هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراع??م عمران خان اسلامي قدرن ۽ ص??فين جي تعليم جي فروغ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته معاشري جي اصل روح ۽ معاشرتي قدرن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته نوجوان نسل کي سيرت النبي صه ج?? مختلف رخن ۽ ص??فين جي تعليم کان روشناس ڪرايو وڃي.