اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر وبائي مرضن ?? اضافي کي روڪڻ جي حوالي سان عوامي بيداري مهم کي تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ملڪ ۾ ڪورونا وائر?? جي وبا جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي عوامي شعور جي بيداري جي مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو فيصلو ترقي ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي ۾ اجلاس ۾ ڪيو ويو. فورم کي ٻڌايو و??و ته جيئن ته ملڪ ۾ ڪورونا وائر?? جي وبا پکڙجڻ ۾ واضح طور تي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي پر عام طور تي ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرڻ جي معاملي ۾ پڻ ڏسڻ ۾ آئي آهي، عوامي جاين تي ماسڪ ۽ سماجي فاصلن تي عملدرآمد جي حوالي سان وقت سر قدم کنيا وڃ??. موذي بيماري پوري طرح سان ختم ناهي ٿي ۽ ان بيماري جي حوالي سان ٺوس ايس او پيز تي عمدلرآمد ڪري ئي ان کان بچي سگهجي ٿو. جون جي وچ ڌاري جڏهن ڪوورنا وائر?? جي مريضن جو انگ وڌي ويو ۽ اسپتالن تي بار وڌي و??و ته حڪومت اسپتالن جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ پوري ملڪ ۾ 2150 آڪسيجن بيڊز کي 31 جولاءِ تائين شامل ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم شروع ڪيا. جڏهن ته اين سي او سي جي خصوصي ٽيمن جي سمور?? صوبن بشمول آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي دورن جي نتيجي ۾ 2850 آڪسيجن بيڊز کي شامل ڪرڻ جي لاءِ عملي جامعو پارائڻ جي ڪوشش شروع ڪئي وئي.