اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي ??ي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت جي فروغ لاءِ بلدياتي ادارن جي مضبوطي ضروري آهي، بلدياتي ادارا عوام کي بنيادي سهولتن ۽ فوري ۽ سستي انصاف جي فراه??ي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ملڪ جي آبادي جو هڪ وڏو حصو ٻهراڙي جي علائقن ۾ رهندڙ آهي ان لاءِ ملڪي ??رقي لاءِ ضروري آهي ته ٻهراڙي جي علائقن جي ترقي لاءِ خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار اسلام آباد ۾ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي بلدياتي ۽ ٻهراڙي جي ترقي بابت خاص مددگار ڪامران خان بنگش سان ٿيندڙ پنهنجي ملاقات ??وران ڳالهائيندي ڪيو.