اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته مالي سال 21 – 2020ع جي لاءِ وفاقي بجيٽ ۾ مشڪل حالتن جي باوجود ڪو نئون ٽيڪس ناهي لڳايو ويو، قرض وٺڻ جو ڪو شوق نه آهي، ماضي جي حڪومتن جي قرضن ۽ وياج جي اد??ئگي لاءِ نوان قرض ورتا پيا وڃن، نئين مالي سال ۾ 1600 کان وڌيڪ شين تي ڊيوٽي کي ختم ڪيو ويو، ڪاروباري لاڳت کي گ??ٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن، نئين مالي سال ۾ 200 ٽيرف لائينز تي ڊيوٽي کي گ??ٽ ڪيو پيو وڃي، 166 ٽيرف لائينز تي ريگيوليٽري ڊيوٽي گ??ٽ ڪئي وئي آهي، ??مپورٽ تي و?? هولڊنگ ٽيڪس کي گ??ٽ ڪيو پيو وڃي، ??يمنٽ تي ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ 25 رپيا گهٽتائي ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ??عميرات جي شعبي لاءِ ٽيڪسن کي اڌ ڪيو ويو آهي، پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي شرح بدستور 30 رپيا في ليٽر آهي ان ۾ ڪا تبديلي نه ڪئي وئي آهي، پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ بهتر لاڳاپا آهن. صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر، وزيراعظم جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ايف بي آر جي چيئرپرسن ڊاڪٽر نوشين جاويد امجد، ناڻي واري سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ ۽ ايف بي آر جي لينڊ روينيو ميمبر ڊاڪٽر حامد عتيق سرور سان گڏ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته موجوده حڪومت کي شروعات ۾ ئي ماضي جي حڪومتن پاران ورتل 30 هزار ارب رپين جي قرضن کي منهن ڏيڻو پيو هو، موجوده حڪومت پهرين سال ۾ 5 هزار ارب رپين جو ٻاهريون قرض اد?? ڪيو، جاري مالي سال ۾ 2700 ارب رپين جي ٻاهرئين قرضن جي اد??ئگي ڪئي وئي، ??ڪومت جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندي انهن معاملن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي، ??يڪڏهن اسان جو ڪل ريسورس بجيٽ 2000 هزار ارب رپيا هجي ۽ اسان قرضن ۽ وياج جي اد??ئگي ۾ 2700 ارب واپس ڪري رهيا آهيون ته ان جو مطلب آهي ته اها حڪومت جي وڏي ڪاميابي آهي.