اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي ??ابطا ڪميٽي (اي سي سي) وفاقي حڪومت جي صحت واري شعبي جي ملازمن کي رسڪ الائونس (هڪ پگهار جي برابر) جي ادائيگي لاءِ 480.556 ملين روپين جي منظو??ي سميت مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن لاءِ ڪيترين ئي ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اقتصادي ??ابطا ڪميٽي ڪامياب جوان پروگرام جي اهم شرط?? ۾ ??بديلي جي منظوري به ڏني آهي، هاڻي ان پروگرام تحت هڪ لک کان وٺي 10 لک روپين تائين، 10 لک روپين کان وڌيڪ هڪ ڪروڙ روپين تائين ۽ هڪ ڪروڙ کان وٺي اڍائي ڪروڙ تائين جو قرض فراهم ڪ??ي سگهبو. اجلاس ۾ ٽو ۽ ٿري وهيلز ۽ هيوي ڪمرشل گاڏين لاءِ اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي جي منظوري به ڏني وئي آهي، اقتصادي ??ابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفي?? شيخ جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.