اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ پاڻي ۽ بنيادي ڍانچي جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۽ خاص طور تي ڪراچي جي عوام کي د??پيش مسئلن جو مڪمل ادراڪ آهي، صوبي جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن منصوبابندي ??ار?? وفاقي وزير اسد عمر ۽ سنڌ جي گور??ر عمران اسماعيل سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڪراچي پئڪيج جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا ۽ سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ تعمير ۽ ترقي جي وفاقي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.