اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار وا??ي وفاقي وزير حماد اظهار چيو آهي ته تعميراتي صنعت بابت مينوفيڪچرنگ يونٽس ۽ دڪانن کي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، صورتحال جي مسلسل نگراني کي يقيني بڻايو پيو وڃي، هفتي ۾ 2 ڏي??هن ڪاروبار بند رهندو جڏهن ته انهن ٻن ڏي??هن ۾ به دوائن ۽ ضرورتن جي شين جي دڪانن کي کولڻ جي اجازت هوندي. قومي رابطا ڪميٽي جي ??جل??س کانپوءِ ڳالهائيندي هن چيو ته ڪورونا جي وبا جي ڏس ۾ لاڪ ڊائون کانپوءِ 14 اپريل کان تعميراتي صنعت کي جزوي طور تي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هن چيو ته ايندڙ هفتي کان پي وي سي پائيپس، انهن جي مينوفيڪچرنگ يونٽس، سيرامڪس اينڊ سينيٽ??ي ويئرز، ڪيبلز، اسٽيل ۽ ايلومينيم يونٽس ۽ انهن جا دڪان ۽ هارڊ ويئرز جي دڪانن سميت تعميراتي صنعت سان لاڳاپيل ٻين شعبن جي دڪانن ۽ مينوفيڪچرنگ يونٽس کي کوليو ويندو.