اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 2020ع عوام کي نوڪريون ڏيڻ ۽ واڌويجهه جي شرح وڌائڻ جو سال آهي، ماضي ۾ عام ماڻه?? جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو ويو، اسان جو سڄو ڌيان هيٺئين طبقي جي ڀلائي تي آهي، ڳوٺن جي عوام لاءِ پڻ روزگار جا موقعا، فنان??نگ ۽ وسيلا مهيا ڪنداسين، گهٽ آمدني وارن طبقن جي لاءِ هائو??نگ جي منصوبن تي تيزي سان ڪم ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گهٽ لا??ت گهرن جي فراهمي لاءِ بنا وياج جي قرضن جي فراهمي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.